sindhi ajrak
travel blogSarmad Sindhi

Alkareem Public School Keenjhar

امداد پتافي جي پارٽي ميمبرشپ معطل، شرجيل ميمڻ جي صدر وٽ پيشي ٿيندي:قائم علي شاهه ڪراچي (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت ۾ شامل پ پ جي اتحادي ڌر ايم ڪيو ايم جي احتجاج کانپوءِ پ پ سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي امداد پتافي جي پارٽي ميمبر شپ معطل ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي صدر آصف علي زرداري اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي، جتي کانئس ڀڇاڻو ڪيو ويندو، وڏي وزير چيو آهي ته سڌسماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ کي صدر آصف علي زرداري فوري طور گهرايو آهي ۽ ان جي پيشي صدر وٽ ٿيندي ۽ فيصلو صدر ئي ڪندو. هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي موقف ۽ عمل سان پيپلزپارٽيءَ جو ڪوبه تعلق ناهي، پيپلزپارٽي ڪنهن لاءِ به گهٽ وڌ ڳالهائڻ واري پاليسي نٿي رکي، امداد پتافي ۽ شرجيل ميمڻ خلاف کنيل قدم پ پ جي انهن عهديدارن ۽ ڪارڪنن لاءِ پيغام آهي جيڪي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي رهيا آهن، الطاف حسين کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان جو ايم ڪيو ايم سان اتحاد آهي ۽ رهندو. هن اهڙو اظهار ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ تڪڙي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ سنڌ ڪابينا ۾ شامل پ پ جا وزير، صلاحڪار، پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ۽ مرڪزي اڳواڻ اين ڊي خان سميت پ پ سنڌ جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته سموري پيپلزپارٽي ۽ سنڌ سرڪار متحد آهي باقي ڪو هڪ اڌ هيڏانهن هوڏانهن وڃي ٿو ته اهو پارٽين ۾ ٿيندو رهندو آهي، مختلف وقتن تي الطاف حسين اسان جو ساٿ ڏئي ٿو ۽ اسان جو به فرض آهي ته اسان پنهنجي اتحادي جماعت جو خيال رکون، آئون خاص طور تي الطاف حسين کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ان سان اسان جي ايڪتا آهي ۽ رهندي، حڪومت ۽ اسان جي اتحاد جي خلاف سازش ڪئي پئي وڃي جنهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، وڏي وزير چيو ته ڪوبه فار ورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي. هن چيو ته ڪنهن سان به سماجي تعلق رکڻ يا شادي غمي ۾ شريڪ ٿيڻ اها هڪ الڳ ڳالهه آهي پر پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن سان گڏجي ويهڻ يا ڪو گڏجي فيصلو ڪرڻ غلط آهي، جنهن به ميمبر خلاف اهڙا ثبوت مليا ته ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا روز اجائي تنقيد ڪندو رهي ٿو پر اسان ان جي بيان جي مذمت ڪيون ٿا، اسان جي اها پاليسي ناهي. ذوالفقار مرزا جو پارٽي سان ڪو به لاڳاپو ناهي، هن ڪيترا ئي ڀيرا پيپلز پارٽي ۽ صدر آصف علي زرداري کي به تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، مرزا سان گڏجي ڪجهه دوست لنڊن ويا آهن، پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي آئون پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر هئڻ جي حيثيت ۾ امداد پتافي جي ميمبر شپ معطل ڪيان ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته هنن جي پارٽي کانسواءِ سنڌ ۾ ڪا مقبوليت آهي ته هو ڀلي ڌار ٿي پنهنجو ڪم ڪن، باقي پارٽي ۾ رهي پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وڃي، هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پ پ جي مرڪزي ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جو ميمبر ناهي.

وزير ثقافت سنڌ کان سوال 2 آڪٽوبر 2011ع واري ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ وزير ثقافت سنڌ ڏانهن لکيل منهنجو خط ڇپيو، جنهن ۾ مون وزير صاحبه جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ڇڪايو هو ته محترم ايم ايڇ پنهور (ستاره امتياز) جو ڪتاب ”سڪس ٿائوزنڊ ييئرس آف هسٽري آف اريگيشن ان سنڌ“ مڪمل طرح تيار سافٽ ڪاپي موجود هجڻ ۽ پرنٽر کي ٽينڊر جي سئو سيڪڙو رقم ٽي مهينا اڳواٽ مليل هجڻ باوجود نه ڇپجي سگهيو آهي. کيس ان جو نوٽيس وٺڻ جي گذارش ڪئي هئم. وزير صاحبه ۽ سيڪريٽري ثقافت کي منهنجو اهو خط هڪ هفتو اڳ 26 سيپٽمبر تي هٿو هٿ پهتو هو پر ٻنهي منجهان ڪنهن به مون کي ان خط جو جواب ڏيڻ پنهنجي شان وٽان نه سمجهيو. شايد ڪاوش ۾ خط ڇپجڻ بعد ثقافت کاتي جي ترجمان تڪڙ ۾ هڪ ننڍڙي وضاحت رواني ڪئي، جيڪا 4 آڪٽوبر واري ڪاوش ۾ ڇپي، جنهن ۾ موصوف ڄاڻايو ته ڪتاب ڇپائيءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي. سڀڪو سمجهي سگهي ٿو ته مڪمل سافٽ ڪاپي ۽ مڪمل ٽينڊر رقم سوڌو هٿن ۾ هجڻ کان پوءِ 314 صفحن جي ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳڻ گهرجن! پر ثقافت کاتي جي ترجمان جي ئي بقول آخري مرحلي ۾ پهتل هي ڪتاب وڌيڪ هڪ مهينو لڳڻ باوجود پڌرو نه ٿي سگهيو آهي. ثقافت کاتي جي عملدارن جو ان پرنٽر مٿان ايترو مهربان هجڻ يا ان آڏو ايترو بيوس هجڻ جيڪا ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، سا ٻوڙا ڪن به ٻڌي ۽ پروڙي سگهن ٿا پر منهنجو وزير صاحبه کان سوال آهي ته ڇا هوءَ اهڙن اهل عملدارن جي آسري عالمي ورثي جي حيثيت رکندڙ سنڌ جي ورثي موهن جي دڙي ۽ ٻين پراڻڻ آثارن کي سنڀالڻ جي هام پئي هڻي؟ ويجهڙ ۾ ٿيل موهن جو دڙو ڪانفرنس ۾ هڪ اڻوڻندڙ واقعو ٿيو. سيڪريٽري ثقافت ان واقعي کي روايتي طرح سان سازش چئي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انگريزي ٻولي مادري ٻوليءَ وانگر ڳالهائيندڙ ۽ نفيسا شاهه جي ڪلاس ميٽ هجڻ جي دعويدار ان عورت پاران اٿاريل ڏکيا سوال بهرحال اها ڳالهه وائکي ڪري ويا ته جيئن سمنڊ مان اٿندڙ ٻاڦ جو ڪارڻ سمنڊ ۾ ٿيندڙ ڪا هلچل هوندي آهي، تيئن انهن سوالن پٺيان به ڪي سچ ضرور لڪل هئا. عمر سومرو/ڪراچي

پاڻي ماهرن جا ڀوڳ چرچا ۽ بدين واسي 2 نومبر جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ انجنيئر فاروق بجاراڻي جو هڪ خط ڇپيو آهي، جيڪو خط هن 27 آڪٽوبر 2011ع جي هائيڊ پارڪ ۾ ڇپيل منهنجي تحرير ”ماهر، زهر کي زم زم ثابت ڪرڻ جي روش ترڪ ڪن“ جي جواب ۾ لکيو آهي، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اسان بدين ۽ لاڙ واسين لاءِ 90ع واري ڏهاڪي کان ميگا ڊزاسٽر بڻجي ويل ورلڊ بئنڪ ۽ واپڊا جو پيدا ڪيل ايل بي او ڊي، جو خوني راڪاس منصوبو، جنهن هيل تائين بدين جي سوين معصوم انسانن جا سر کڻي، لکين ماڻهن کي بي گهر ڪري انهن جو تباهه ڪري، لکين ايڪڙ زرخيز، زمينن، هزارين ڳوٺن ۽ شهرن کي ٻوڙي، قدرتي فطري ماحول کي بگاڙي تباهه ڪري بدين کي کاري سمنڊ جو ڀاڱو بڻائڻ بعد هن سال آگسٽ 2011ع کان تاريخ جي بدترين مها ٻوڏ ۾ نوابشاهه کان نئون ڪوٽ ۽ ڪلوئي جي ٿر جي ڀٽن تائين سنڌ جي کاٻي طرف جي هڪ وسيع زرعي بيلٽ واري زرخيز زمين کي ٻوڙي اٽڪل هڪ ڪروڙ ماڻهن کي بي گهر بڻائي دربدر ڪري پناهه وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ترقي جي نالي وارو ايل بي او ڊي جو اهو خونخوار ميگا پراجيڪٽ جيڪو 1995ع ۾ مڪمل ٿيڻ بعد جون 1998ع ۾ فقط ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ ٽائيڊل لنڪ ڊرين ۽ ڪولري ويئر اسٽرڪچر جي سگهارين سامونڊي ويرن جو سٽ نه سهي مڪمل طور تي تباهه ۽ ناڪام ٿي ويو. ان ميگا پراجيڪٽ جي ناڪامي ۽ تباهي جو اعتراف خود ورلڊ بئنڪ ڪري چڪي آهي، هن مها ٻوڏ بعد ملڪ جو صدر آصف علي زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، آبپاشي ۽ بحالڪاري جي سنڌ جي وزيرن توڻي قومي اسيمبلي جي موجوده اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا سميت ڪيترائي سرڪاري اهلڪار ۽ ميڊياهن سال جي مها خوني ٻوڏ جو مک ڪارڻ، ايل بي او ڊي کي ئي قرار ڏيئي رهيا آهن ۽ هيڏانهن هي اسان جا ماهر سنڌي انجنيئر، زهر کي زم زم ثابت ڪرڻ ۽ سج کي کاري هيٺان لڪائڻ واري روش کي هرگز ترڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. فاروق بجاراڻي پنهنجي قابل ذڪر خط ۾ منهنجي موقف جي تصديق ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته آبپاشي کاتي وارا ٻوڏن ۾ واهن ۽ درياهن جا بند مضبوط ڪرڻ جي بجاءِ انهن کي ڪٽ ڏيئي هٿرادو گهاٽ هڻائي هڪڙن شهرن ۽ ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ ٻين شهرن ڳوٺن ۽ فصلن کي ٻوڙائيندا رهندا آهن، جيئن گذريل سال جي مها ٻوڏ ۾ بچاءُ بندن کي هٿرادو گهارا هڻائي آبپاشي کاتي جي ڪامورن اڌ سنڌ ٻوڙائي ڇڏي ۽ هن سال سڄي سنڌ ٻڏي ويئي. آبپاشي ڪامورن جي انهن هٿرادو هڻايل گهارن کي هو، ”جائز“ سڏيندي لکي ٿو ته، آبپاشي انجنيئرنگ جو اهو اصول آهي ته ڪنهن وڏي نقصان کان بچڻ لاءِ پاڻي جو رخ موڙڻ واسطي هٿرادو گهارا لڳايا ويندا آهن. ها سائين ڀلي اهڙا گهارا هڻائي هر سال سنڌ کي ٻوڙائيندا رهو. اهو سنڌ جي انجنيئرن جو اصول ٿي سگهي ٿو، باقي سڄي دنيا ۾ ائين هرگز نه ٿيندو آهي ته هڪڙا شهر ڳوٺ ۽ علائقا بچائڻ لاءِ نقصان ٻيا شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙائيندا رهو. ٻئي سڄي دنيا ۾ ته اڳواٽ بچاءُ بندن کي مضبوط ڪيو ويندو آهي. اوهان وانگر هٿرادو گهارا نه هڻايا ويندا آهن، فاروق صاحب غير فطري طور سمنڊ سان ڳنڍيل تباهه ٿيل خونخوار ٽائيڊل لنڪ ڊرين جي تباهه ڪارين جي ترديد ڪندي، ان جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندي لکي ٿو ته، جمالي ٽائيڊل لنڪ ڊرين جي ٿيندڙ نقصان کي به هروڀرو وڌائي بيان ڪيو آهي. باقي ٽائيڊل لنڪ ڊرين جي ڊزائين ۾ ڪجهه معمولي خاميون ضرور هيون، پر اسان کي اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته ٽائيڊل لنڪ ڊرين جي تباهي جو مک ڪارڻ 1999ع وارو سامونڊي طوفان هو، جڏهن سمنڊ جو ڇوليون اٿنديو آهن ته 2004ع جي سونامي ۽ 2011ع ۾ جاپان ۾ آيل سونامي جي ڪري هزارين ماڻهن جي موت ۾ تباهي جو ڪارڻ ٿيون. انجنيئر بجاراڻي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته، ڇا جاپان ۾ به ٽائيڊل لنڪ جي ڪري ڇوليون اٿيون؟ جيڪڏهن 1999ع جي سامونڊي طوفان ۾ ٽائيڊل لنڪ تباهه ٿي ويئي ته انهيءَ ۾ ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي. بجاراڻي صاحب ٽائيڊل لنڪ ڊرين جي تباهڪارين جو انوکو مثال جاپان ۾ آيل ڀيانڪ سونامي سان ڏنو آهي، ڄڻ ته 1999ع ۾ لاڙ ۾ طوفان نه پر سونامي آئي هئي، جنهن ۾ ٽائيڊل لنڪ ڊرين سامونڊي ويرن ۾ تباهه ٿي ويئي هئي، ايترا ته سنڌ جا ماڻهو بيوقوف ته ڪونهي، جن کي سونامي جي به خبر نه هجي، سونامي اچڻ جا ڪارڻ سامونڊي طوفان نه پر ڀيانڪ زلزلا هوندا آهن، ڇا 1999ع ۾ بدين ۽ لاڙ ۾ اهڙو ڪو ڀيانڪ زلزلو آيو هو. جنهن ۾ ٽائيڊل لنڪ ڊرين تباهه ٿي ويئي هئي؟ اهڙو ڀيانڪ زلزلو بدين ۽ لاڙ ۾ ته جنوري 2001ع ۾ آيو هو، جنهن جو مرڪز ڀڄ شهر لڳ رڻ ڪڇ ۾ هو. جنهن ۾ خوشقسمتي سان اسين بدين ۽ لاڙ وارا ڀيانڪ سونامي جهڙي آفت کان بچي وياسين، پر هاڻ خبر ناهي ڪيترو وقت بچنداسين؟ حيرت جي ڳالهه آهي ته فاروق بجاراڻي خونخوار ٽائيڊل لنڪ ڊرين جي مڪمل تباهي جو ذميوار ڀيانڪ سامونڊي طوفان کي قرار ڏنو آهي، جيڪو طوفان 19 مئي 1999ع ۾ آيو، جڏهن ته خود واپڊا، ورلڊ بئنڪ ۽ آبپاشي کاتي جي رڪارڊ موجب سمنڊ سان ڳنڍيل اها 42 ڪلوميٽر ڊگهي ٽائيڊل لنڪ ڊرين ۽ ڪولري ويئر جو فولادي دڪي وارو سڄو ڍانچو، سامونڊي طوفان کان هڪ سال اڳ جون 1998ع ۾ خوفناڪ سامونڊي ويرون وگهي مڪمل طور تي تباهه ۽ واش آئوٽ ٿي ويو. جنهن تباهي واري تاريخ کي آئون اڪثر حوالي طور پنهنجي لکڻين ۾ لکندو رهندو آهيان. پر سامونڊي طوفان کان هڪ سال اڳ تباهه ٿيل ان راڪاس جو الزام بجاراڻي صاحب سامونڊي طوفان تي لڳائي، آخر ڪنهن کي ٿو هن وقت خوش ڪرڻ چاهي؟ هو لکي ٿو ته 1999ع جي سامونڊي طوفان ۾ ٽائيڊل لنڪ ڊرين اسان جي بچاءُ ڪئي آهي. اسين چئون ٿا ته ان طوفان ۾ جيڪي 30 فوٽ بلند ڀيانڪ ويرون چڙهيون، جن ويرن اسان جا سوين ماڻهو ماريا، اهي ويرون تباهه ٿيل، ٽائيڊل لنڪ جو رستو وٺي آيون هيون. سامونڊي پاڻي هيٺ آيل بدين جي زرعي ۽ انساني آبادي واري خطي ولاسو ۽ مانڌر لاءِ هو لکي ٿو ته اهو ڀاڱو ايل بي او ڊي جي راڪاس کان اڳ به غير آباد هو. ٽائيڊل لنڪ ڊرين جي فائدن ۾ لکي ٿو ته پٽيجي ڪامپليڪس وارن مٺي پاڻي جي قدرتي ڍنڍن کي فائدو پهتو، انهن مان کارو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ٿي رهيو آهي، هيڏي غلط بياني!! هو وري ايل بي او ڊي راڪاس جي ڀيٽ مالديپ جي ٻيٽ سان پيو ڪري ۽ سمنڊ جيڪو بدين ۽ لاڙ کي هڙپ ڪري رهيو آهي، ان جو الزام ايل بي او ڊي جي بجاءِ گلوبل وارمنگ تي هڻي رهيو آهي، گلوبل وارمنگ ۾ ته سمنڊ ڏهاڙي هڪ کان ٻه انچ اڳتي وڌي رهيو آهي، پر سنڌ حڪومت جي هڪ سرڪاري رپورت موجب، سمنڊ گذريل چند سالن ۾ بدين ۽ ٺٽي جي 22 لک ايڪڙ ايراضي کي هڙپ ڪري ويو آهي، جنهن ۾ بدين ضلعي جي اٽڪل ساڍا چار لک ايڪڙ زرعي ۽ انساني آبادي واري ايراضي شامل آهي، ان سرڪاري رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته ٻنهي تاريخي ضلعن جي 80 ايڪڙ ايراضي کي سمنڊ ڏهاڙي ڳڙڪائي رهيو آهي، ڇا اهو به گلوبل وارمنگ جو نتيجو آهي؟ هو لکي ٿو ته قدرتي ڍنڍن کي فائدو پهتو آهي، جڏهن ته زميني حقيقت اها آهي ته بدين ضلعي ۽ تعلقي جاتي جون 50 کان وڌيڪ مٺي پاڻي جون تاريخي قدرتي ڍنڍون، جن ۾ ڪجهه ڍنڍون رامسر سائيٽس قرار ڏنل آهن، اهي کاري سامونڊي پاڻي هيٺ اچي مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي، جيڪي سيٽلائيٽ تي پڻ ڏسي سگهجن ٿيون. بجاراڻي صاحب جي نظر ۾ اسين بدين واسي سنڌ جا مخالف آهيون، ايل بي او ڊي جا سم نالا فقط ٻه آهن، تباهه ٿيل ٽائيڊل لنڪ ڊرين سمنڊ جو پاڻي ابتو واهي بدين کي ٻوڙي رهي آهي، اسپائبنل ڊرين به بدين کي ٻوڙي ٿي، ٻنهي کي جلدي لٽي بند ڪيو وڃي، باقي سم نالا ان کان اڳ جا آهن، بدين جو پاڻي ايل بي او ڊي کان اڳ آساني سان نڪري ويندوهو، جيڪو هاڻ پڻ نڪري ويندو. الهه بچايو جمالي/ڪڍڻ (بدين)

پرڏيهي وزارت ۽ ايف آءِ اي نااهلي جي انتها ڪري ڇڏي آهي:چيف جسٽس اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ مشهور ماڊل صوفيا مرزا جي اڳوڻي مڙس پاران ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ واري معاملي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران پرڏيهي وزارت جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته صوفيا مرزا جو اڳوڻو مڙس عمر فاروق 12 مئي 2011ع تي دبئي هليو ويو هو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان هڪ سال اڳ ٻڌايو هو ته سندس پاسپورٽ رد ٿي ويو آهي، پوءِ هو دبئي ڪيئن هليو ويو، چيف جسٽس چيو ته اسان کي معلوم آهي ته اوهان سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي ڪا اهميت نه ٿا ڏيو پر هي ته هڪ خودمختيار رياست (پاڪستان) جو حڪم نامو هو، ان تي به اوهان عمل نه ڪيو ۽ پاڪستان جي خودمختياري کي اهميت نه ڏني، صوفيا مرزا جي وڪيل راجا عامر عباس چيو ته متحده عرب امارات ۾ ان حوالي سان ڪيس هلي رهيو هو اتي صوفيا مرزا ۽ عمر فاروق پنهنجا وڪيل به ڪيا هئا ۽ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته عمر فاروق اتان هليو ويو هجي ۽ ان جي خبر نه به پوي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پرڏيهي وزارت ۽ ايف آءِ اي نااهلي جي انتها ڪري ڇڏي آهي، ايڏو وقت گذرڻ باوجود کين اهو به پتو نه پئجي سگهيو آهي ته صوفيا مرزا جو اڳوڻو مڙس ڪيڏانهن ويو، ايف آءِ اي کي مخصوص مقصد لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن آفيسر کي ڏسو ڪا نه ڪا خامي آهي، پرڏيهي وزارت ۽ ايف آءِ اي جي ڪم ۾ سنجيدگي نظر نه ٿي اچي، اٽارني جنرل پاڻ سڄي معاملي کي ڏسي پرڏيهي وزارت ۽ اعل

Today, there have been 1 visitors (1 hits) on this page!
This website was created for free with Own-Free-Website.com. Would you also like to have your own website?
Sign up for free